رستم ۽ سهراب 2

رستم ۽ سهراب 2

رستم ۽ سهراب 2

رستم ۽ سهراب2 (ڪتاب): هيءُ ڪتابي سلسلو ’وندر جو وڻ‘ جي سري سان وي. جي. مهتاڻيءَ شروع ڪيو هو، جنهن ۾ مختلف قصن کي تمام سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو هو. اُن سلسلي جو گل ٻيو ’رستم ۽ سهراب‘ عنوان سان آهي، جيڪو هڪ ايراني بهادر سپاهي رستم ۽ سندس پٽ سهراب جي دلچسپ قصي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ سخت جنگ ٿئي ٿي، جڏهن ته کين اُها خبر ڪانهي ته اسين پاڻ ۾ پيءُ ۽ پٽ آهيون، آخر پُٽ (سهراب) جو موت ٿئي ٿو. هن قصي جي ليکڪ جو نالو ڪتاب تي ڄاڻايل ناهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 1932ع ۾ جارج پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو. پاڪيٽ سائيز ۾ ڇپيل 42 صفحن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو